اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پنهنجي پاڪستاني شهرين کي صلاح ڏني آهي ته سيڪيورٽي خدشن جي ڪري ايران جو غير ضروري سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن.پرڏيهي آفيس پاڪستاني شهرين کي ايران جو غير ضروري سفر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي ۽ ايران ۾ رهندڙ پاڪستانين کي محتاط رهڻ، غير ضروري حرڪت کي محدود ڪرڻ ۽ پاڪستاني مشنن سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ جو مشورو ڏنو آهي.پرڏيهي آفيس تهران ۾ پاڪستاني سفارتخاني جا رابطا نمبر جاري ڪيا آهن ۽ شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هنگامي صورتحال جي صورت ۾ فوري طور تي انهن سان رابطو ڪن.پرڏيهي آفيس موجب، زاهدان ۽ مشهد ۾ پاڪستاني قونصلر رابطا نمبر پڻ فراهم ڪيا ويا آهن ۽ شهرين کي صورتحال جي نگراني ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته پاڪستانين جي مدد لاءِ سفارتي مشن هر وقت موجود آهن.










