اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايران پاڪستان کي تيل کڻي ويندڙ ٽن جهازن جي اجازت ڏيڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي.ذريعن موجب، ڪويت کان تيل کڻي ٽي جهاز پاڪستان پهچندا.ڪرپٽو ڪائونسل تي وزيراعظم جي خاص مددگار بلال بن ثاقب چيو آهي ته آبنائي هرمز ۾ بحران تيل کان ٻاهر عالمي سپلائي چين کي متاثر ڪري رهيو آهي.هن چيو ته تيل جو جھٽڪو پهريون مرحلو آهي، اصل بحران اڃا تائين سامهون نه آيو آهي.










