تهران: (ويب ڊيسڪ) ايران يورپي ملڪن جي فوج کي دهشتگرد تنظيمون قرار ڏئي ڇڏيو. پاسداران انقلاب خلاف يورپي قدمن تي ايراني قومي سلامتي ڪونسل جي سيڪريٽري جو رد عمل سامهون اچي ويو.علي لاريجاني پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته يورپي يونين ايران جي داخلي قانون کان يقينن آگاهه آهي ۽ اهي سمورا ملڪ جن پاسداران انقلاب جي خلاف يورپي يونين جي تازي قرارداد ۾ حصو ورتو انهن جي فوج کي دهشتگرد تنظيمون تصور ڪيو ويندو آهي.علي لاريجاني چيو ته انهي قدم جي نتيجن جي ذميواري انهن ئي يورپي يونين تي لاڳو ٿيندي. جن اهڙي قسم جا فيصلا ڪيا آهن.ايراني پارليامينٽ پاسداران انقلاب بابت قانون اپريل 2019 ۾ منظور ڪيو هو، ايراني ميڊيا موجب ايراني قانون پاسداران کي بليڪ لسٽ ڪندڙن کي دهشتگرد قرار ڏيڻ آهي.هڪ ڏينهن اڳ يورپي يونين ايراني پاسداران انقلاب کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. جنهن کان پوءِ ايران جي هٿياربند فوج انهي فيصلي تي رد عمل ڏيندي انهي کي غير منطقي غير ذميوارانه ۽ بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏنو هو.ياد رهي ته پاسداران انقلاب ايران جي هٿياربند فوج جو هڪ اهم حصو آهي جنهن کي 1979ع جي ايراني انقلاب کان پوءِ قائم ڪيو ويو هو. اها ايراني فوج سان گڏجي ڪم ڪندي آهي ۽ سنڌو سنئون ايران جي سپريم اڳواڻ آيت الله خامنائي جي آڏو جوابده آهي.










