اوٻاوڙو )رپورٽر غلام علي رند( اوٻاوڙو لڳ ڪمون شھيد بس اسٽاپ تي ڳوٺ عثمان چاچڙ واسين سان حادثو موٽر سائيڪل کي ٽريڪٽر ٽرالي جو ٽڪر جنھن جي نتيجي ۾ ٻه عورتون موقعي تي فوت هڪ ڄڻو زخمي فوتين ۾ مسمات پٽل مسمات نصرت موقعي تي فوت ٿي ويون موٽر سائيڪل سوار رفيق احمد چاچڙ سخت زخمي ٿي پيو فوت ٿيل عورتون زخمي رفيق احمد جي هڪ گھر واري ۽ ٻي ان جي ڌي آهي ڪمونء شهيد پوليس فوتين ۽ زخمي کي اوٻاوڙو اسپتال کڻائي آئي جتي وارثن کي اطلاع ڪيو ويو آهي وارث اسپتال پهچي لاش کڻائي ويا لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ڪمون شھيد پوليس ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ڊرائيور کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي










