اورنج لائن بي آر ٽي تي ڪم مڪمل ٿي چڪو،يلو تي ڪم جاري آهي

اورنج لائن بي آر ٽي تي ڪم مڪمل ٿي چڪو،يلو تي ڪم جاري آهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اورنج لائن بي آر ٽي تي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته يلو لائن بي آر ٽي منصوبي تي عالمي بئنڪ جي سهڪار سان تيزي سان ڪم جاري آهي. تاج حيدر پل جو هڪ حصو مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٻئي حصي تي پيش رفت جاري آهي. يلو لائن بي آر ٽي جي ڊپوز تي به ڪم جاري آهي جڏهن ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي تي به پيش رفت ٿي رهي آهي.هن چيو ته موجوده مالي سال دوران ٺٽو، بدين، ميروخان ۽ لاڙڪاڻي ۾ جديد بس ٽرمينلز تعمير ڪيا پيا وڃن جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ ٺل، ڪراچي، ميرپورخاص، سانگهڙ، شهيد بينظير آباد ۽ ڪنڊيارو جا منصوبا مڪمل ڪيا ويندا. حيدرآباد ۾ پارڪنگ پلازا منصوبي تي هلندڙ سال ۾ ڪم شروع ڪيو پيو وڃي. سنڌ اسيمبلي ۾ اظهارِ خيال ڪندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي کي ڪيترن ئي چيلنجز کي منهن ڏيڻو پيو، جن ۾ ڊالر جي قدر ۾ اضافو ۽ تعميراتي لاگت ۾ غير معمولي اضافو شامل آهن. هن چيو ته نجي ۽ سرڪاري ٻنهي شعبن تي ان جا اثر پيا جڏهن ته ڪجهه ڪانٽريڪٽر اضافي ادائگين باوجود ڪم تي راضي نه هئا، جنهن کانپوءِ هڪ ڪانٽريڪٽر جو معاهدو منسوخ ڪري ايف ڊبليو او کي ذميواري سونپي وئي. هن چيو ته دنيا جي وڏن شهرن ۾ مستقبل جي ضرورتن کي مدنظر رکي منصوبه بندي ڪئي ويندي آهي ۽ بي آر ٽي منصوبن جو مقصد ايندڙ نسلن کي بهتر سفري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. سندس مطابق وزيراعليٰ سنڌ جون واضح هدايتون آهن ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو وڃي ۽ سڀ فيصلا عوامي مفاد ۾ ڪيا پيا وڃن.هن ٻڌايو ته پهرين مرحلي ۾ لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي لاءِ پيپلز بس سروس متعارف ڪرائي وئي هئي جڏهن ته بسن جي خريداري لاءِ فنڊ وفاقي حڪومت کي فراهم ڪيا ويا. هن چيو ته اي وي بسون پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت آنديون ويون ۽ حڪومت نجي شعبي کي اي وي بسون هلائڻ جي ترغيب ڏيڻ لاءِ سبسڊي به فراهم ڪئي. هن چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي تحت بائيو گيس پلانٽ قائم ڪيو ويندو. شروع ۾ هائبرڊ بسون هلائڻ جي تجويز هئي پر بعد ۾ اي وي بسون هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هي منصوبو ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ماحوليات سان لاڳاپيل بين الاقوامي فنڊز جي سهڪار سان مڪمل ڪيو پيو وڃي جڏهن ته پيدا ٿيندڙ بائيو گيس صنعتي شعبي ۾ به استعمال ٿي سگهندي. شرجيل ميمڻ چيو ته حڪومت 500 اي وي بسن لاءِ زمين فراهم ڪندي ۽ ڪامياب بولي ڏيندڙ ڪمپني کي چارجنگ انفراسٽرڪچر قائم ڪرڻ لاءِ جڳه ڏني ويندي. هن چيو ته جتي جتي اي وي بسون هلنديون اتي حڪومت ڊپوز لاءِ به زمين فراهم ڪندي. سندس مطابق 2022 ۾ ريڊ لائن منصوبي جو آغاز ٿيو ته ڪانٽريڪٽر رائٽ آف وي جي عدم دستيابي تي اعتراض ڪيو هو، پر ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ هن قسم جا مسئلا فطري آهن. هن چيو ته حڪومت سنڌ يوٽيلٽيز جي منتقلي لاءِ اربن روپيا خرچ ڪري چڪي آهي ۽ ميٽروپوليٽن شهرن ۾ هن قسم جي منصوبن ۾ مشڪلاتون پيش اينديون آهن. سندس مطابق نگران حڪومت جي 9 مهينن دوران منصوبي تي عملي طور ڪا پيش رفت نه ٿي.هن چيو ته لاٽ ون ۾ جناح ايونيو تي مڪس ٽريفڪ لين جو مسئلو حل ڪري ورتو ويو آهي جڏهن ته لاٽ ٽو ۾ ڪي فور منصوبي جي آگمينٽيشن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته حڪومت سنڌ جي اولين ترجيح ڪراچي سميت صوبي جي ٻين شهرن کي بهتر ٽرانسپورٽ سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. هن ٻڌايو ته اورنج لائن جڏهن وفاقي حڪومت وٽ هئي ته ان جي يوميہ رائيڊرشپ صرف 2 هزار هئي، جيڪا حڪومت سنڌ انتظام سنڀالڻ کانپوءِ ساڍا 9 هزار تائين پهچي وئي. ساڳي طرح گرين لائن جي يوميہ رائيڊرشپ 50 هزار کان وڌي 95 هزار تائين پهچي وئي آهي. هن چيو ته گرين لائن ۽ اورنج لائن کي هڪ ٻئي سان انٽيگريٽ ڪري ڇڏيو ويو آهي ۽ ٻنهي منصوبن جي آگمينٽيشن کانپوءِ مجموعي رائيڊرشپ هڪ لک کان تجاوز ڪري ويندي.شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته پيپلز بس سروس حيدرآباد ۾ ڪاميابي سان هلي رهي آهي ۽ عيد کان اڳ يا فوري بعد لطيف آباد کان حيدرچوڪ تائين نئون روٽ شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته اڃان تائين 29 روٽ مڪمل ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڪراچي ۾ وڌيڪ ڪيترن روٽس تي ڪم جاري آهي. تازو سکر-شڪارپور، خيرپور کان روهڙي ۽ خيرپور کان راڻي پور روٽ به شروع ڪيا ويا آهن. سندس مطابق حڪومت جي ڪوشش آهي ته وڌ کان وڌ روٽس تي بس سروس فراهم ڪئي وڃي.هن چيو ته مختلف هنڌن تي بس اسٽاپ قائم ڪيا ويا آهن پر بسن جو غير مقرر هنڌن تي روڪڻ هڪ وڏو چيلنج آهي. هن ٻڌايو ته پيپلز بس سروس کي هدايت ڪئي وئي آهي ته بسون صرف مقرر اسٽاپس تي رڪن، پر ڪڏهن ڪڏهن شهرين جي مزاحمت ۽ هنگام آرائي جو به منهن ڏسڻو پوي ٿو. سندس مطابق حڪومت وڌيڪ بسون خريد ڪري رهي آهي ۽ نجي سيڙپڪارن کي به هن شعبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني پئي وڃي. هن چيو ته عوامي ٽرانسپورٽ جي فروغ سان روڊن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو جڏهن ته اي وي گاڏين ذريعي ماحولياتي آلودگي ۾ به گهٽتائي ايندي.شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز بس سروس کانپوءِ موٽر سائيڪل استعمال ڪندڙن لاءِ به بس جو سفر نسبتاً سستو ثابت ٿي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته وڌيڪ ڊبل ڊيڪر بسون به ڪراچي آنديون پيون وڃن جڏهن ته وفاقي وزير ريلوي سان ملاقات ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. سندس مطابق 22 مئي تي ڪراچي پورٽ کان تاج حيدر پل ڪورنگي تائين ايڪسپريس وي منصوبي جو سنگ بنياد رکيو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پهرين دفعي فٽنس سينٽرز قائم ڪيا ۽ خستہ حال گاڏين کي تحويل ۾ ورتو ويو ته جيئن شهرين کي بهتر سفري سهولتون فراهم ڪري سگهجن. ريڊ لائن منصوبي تي تنقيد جي حوالي سان هن جماعت اسلامي کي به تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته جيترو خرچ تشهيري مهم تي ڪيو پيو وڃي جيڪڏهن ايترو ڌيان بلدياتي معاملن تي ڏنو وڃي ته صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائن تي اي وي بسون هلايون وينديون جڏهن ته بائيو گيس پلانٽ مان حاصل ٿيندڙ توانائي مختلف شعبن کي فراهم ڪئي ويندي. هن ڪي اليڪٽرڪ سميت مختلف ادارن تي يوٽيلٽيز جي منتقلي ۾ دير جو الزام به لڳايو ۽ چيو ته وزيراعليٰ سنڌ هن معاملي تي اجلاس به طلب ڪيو آهي. سندس مطابق ٽرانسپورٽ کاتي جا ڪيترائي منصوبا جاري آهن پر تنقيد صرف ريڊ لائن تي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اي وي بسون متعارف ڪرايون ويون آهن ۽ عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز به فراهم ڪيون پيون وڃن. هن ڪراچي جي شهرين کي درپيش مشڪلاتن تي معذرت ڪندي چيو ته حڪومت سمورن چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي ۽ هر سطح تي شفافيت برقرار رکي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو