اهو قدم پاڪ فوج جي عزت ۽ وقار لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو: راڻا ثناءُ الله

اهو قدم پاڪ فوج جي عزت ۽ وقار لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته فيض حميد کي حراست ۾ وٺڻ ۽ ڪورٽ مارشل پاڪ فوج جي عزت ۽ وقار ۾ سنگ ميل هوندو.خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته فيض حميد خلاف ڪجهه شيون ضرور ثابت ٿيون آهن، ان ڪري کيس فوجي حراست ۾ ورتو ويو آهي.هن چيو ته ڪورٽ مارشل جو عمل فوجي طريقيڪار موجب هلڻو آهي، فيض آباد ڌرڻي جو معاهدو فيض حميد ڪيو آهي. يقيناً انڪوائري عمل ۾ اهي شيون شامل هونديون، فيض آباد ڌرڻي ۾ ماڻهن کي منظم ڪيو ويو ۽ ويهاريو ويو.هن چيو ته فيض آباد ڌرڻي ۾ ماڻهن کي اٿارڻ ۾ فيض حميد جو ڪردار هو، سپريم ڪورٽ جو حڪم خالصتاً هائوسنگ سوسائٽي بابت هو.هائوسنگ سوسائٽي جي انڪوائري جي حوالي سان، اسان کي پاڻ کي ان حد تائين محدود ڪرڻ گهرجي.راڻا ثناءُ الله چيو ته هائوسنگ سوسائٽي جي حوالي سان ڪيتريون ئي بي ضابطگيون سامهون آيون آهن.ٻي صورت ۾ جيڪڏهن انڪوائري ٿيندي ته ڳالهيون سامهون اينديون.اسان کي پاڻ کي آءِ ايس پي آر جي بيان تائين محدود رکڻ گهرجي، هي قدم پاڪ فوج جي عزت ۽ وقار ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو