انساني اسمگلرن جي ملڪيت ضبط ڪئي وڃي، وزيراعظم

انساني اسمگلرن جي ملڪيت ضبط ڪئي وڃي، وزيراعظم

اسلام اباد(رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته انساني اسمگلرن جي ملڪيت ضبط ڪئي وڃي ۽ کين سخت سزا ڏيارڻ لاءِ عدالتي عمل کي تيز ڪيو وڃي. اهڙي هدايت هن سومر تي سڏايل خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گزريل مهيني يونان م ٻيڙي ٻڏڻ جي واقعي ۾ 80 کان مٿي پاڪستاني ٻڏا هئا جن مان 36 کي بچايو ويو هو ۽ باقي ٻين سڀني کي مرده ڊڪليئر ڪيو ويو هو. ايف آءِ اي پاران ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو گذريل مهيني واري واقعي بعد 2 ايف آءِ اي جي افيسرن سميت ڪيترن ئي اسمگلرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. مجموعي طور 30 ايف آءِ اي جا آفيسر جيڪي غيرقانوني طور پاڪستانين کي پرڏيهه موڪلڻ جا ذميوار هئا تن کي نوڪري مان برطرفر ڪري ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ايف آءِ اي جي اپائن جي واکاڻ ڪندي هدايت ڪئي ته انساني اسمگلرن ۽ سندن سهولتڪارن سان ڪا به رياعت نه ڪريو، کين مثالي سزائون ڏنيون وڃن. وزيراعظم پرڏيهي کاتي کي هدايت ڪئي ته مختلف ملڪن ۾ جيڪي پاڪستاني انساني اسمگلر موجود آهن انهن کي فوري ڏيهه واپسي جا اپاءُ ورتا وڃن ۽ کين هتي سخت سزائون ڏنيون وڃن. وزيراعظم اطلاعات واري کاتي کي هدايت ڪئي ته هو گهرو وزارت سان گڏجي عوام جي آگاهي لاءِ مهم شروع ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو