ايران ۾ بدلو، بدلو جا نعرا، حماس پاران غزه جو سياسي ڪنٽرول ختم ڪرڻ جو اعلان

ايران ۾ بدلو، بدلو جا نعرا، حماس پاران غزه جو سياسي ڪنٽرول ختم ڪرڻ جو اعلان

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي اڳوڻي نائب صدر ۽ سپريم ليڊر جي مشير محمد مخبر چيو آهي ته شهيد ايراني سپريم ليڊر جي شهادت جو بدلو ورتو ويندو. گذريل ڏينهن شهيد ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي جنازي کانپوءِ سرڪاري ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد مخبر چيو ته ”اسان جي شهيد امام جا قاتل طبعي موت نه مرندا، عوام ان جو انتقام وٺندو، نظام ان جو انتقام وٺندو.“ محمد مخبر وڌيڪ چيو ته اهو تصور ڪرڻ ئي ناممڪن آهي ته شهيد سپريم ليڊر جا قاتل هن ڌرتيءَ تي زندا سلامت رهن، انتقام ته ورتو ويندو.

حماس جو20 سالن بعد غزه ۾ سياسي ڪنٽرول ختم ڪرڻ جو اعلان

الجزيره موجب حماس ان اداري کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو لڳ ڀڳ 20 سالن کان غزه جي پٽي جا انتظامي معاملا هلائي رهيو هو. ان فيصلي کي حماس جي سياسي حڪمت عملي ۾ هڪ اهم تبديلي قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن سان ٽيڪنوڪريٽن تي ٻڌل هڪ انتظامي ڪميٽي ذريعي علائقي جا شهري ۽ انتظامي معاملا هلائڻ جي راهه هموار ٿي وئي آهي. حماس 2007ع کان غزه جي انتظام هلائي رهي هئي، جڏهن ان جي فورسن فتح تحريڪ کان غزه جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو هو. ان کان هڪ سال اڳ، يعني 2006ع ۾، حماس فلسطيني پارلياماني چونڊن ۾ ڪاميابي به حاصل ڪئي هئي. گذريل سال آڪٽوبر ۾ حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگبندي کان پوءِ هي گروپ ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته هو غزه جي روزمرهه انتظامي معاملن تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهي، پر سندس هٿياربند حيثيت جو معاملو اڃا تائين حل طلب آهي. حماس جي سرڪاري ميڊيا آفيس جي سربراهه اي ايف پي کي ٻڌايو ته ايمرجنسي ڪميٽي جي سربراهه محمد فرا باضابطه طور پنهنجو استعيفا پيش ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ايمرجنسي ڪميٽي کي ختم ڪيو وڃي، جيئن انتظامي ۽ حڪومتي اختيار آساني سان غزه جي قومي انتظامي ڪميٽي حوالي ڪري سگهجن. غزه جي قومي انتظامي ڪميٽي، جيڪا هن وقت قاهره ۾ قائم آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي امن فريم ورڪ تحت جوڙي وئي هئي. ٽرمپ اهو فريم ورڪ آڪٽوبر 2025ع ۾ جنگبندي لاءِ ثالثي دوران متعارف ڪرايو هو. حماس جي ترجمان اي ايف پي کي ٻڌايو ته، “حماس هڪ نئون قدم کنيو آهي ۽ هاڻي غزه جي پٽي جي انتظام جي ذميوار نه رهي آهي، جيئن قبضي وارين قوتن وٽ جارحيت ۽ تباهه ڪندڙ جنگ جاري رکڻ لاءِ ڪنهن به قسم جو بهانو باقي نه رهي.“

تهران ۾ شهيد آيت الله خامنه اي جي جنازي جو جلوس شروع، لکين ماڻهو شريڪ
تهران ۾ شهيد ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي جنازي جي جلوس جي شروعات ٿي وئي آهي، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ عوام شريڪ آهي. ايراني سرڪاري نشرياتي اداري موجب، شهيد سپريم ليڊر جي جنازي جو جلوس ڪجهه دير اڳ گاديءَ جي هنڌ ۾ شروع ٿيو، جنهن ۾ سوڳوارن جو هڪ وڏو هجوم شريڪ آهي. ايراني ميڊيا موجب، جلوس جي شروعات تهران جي گرينڊ مصليٰ کان ٿي، جتي شهيد خامنه اي جو جسدِ خاڪي گذريل ٻن ڏينهن کان عوامي ديدار لاءِ رکيل هو. رپورٽ موجب، جلوس تقريبن 10 ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪندو ۽ ان جي 10 کان 12 ڪلاڪن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي. هي جلوس دماوند اسٽريٽ، امام حسين اسڪوائر، انقلاب اسٽريٽ، انقلاب اسڪوائر، آزادي اسٽريٽ، آزادي اسڪوائر ۽ شهيد لشکري هاءِ وي تان گذرندو. جلوس کان پوءِ شهيد سيد علي خامنه اي جي جسدِ خاڪي کي قم منتقل ڪيو ويندو.

صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو انقره ۾ نيٽو ملڪن جي اجلاس ۾ شرڪت جو اعلان
آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ انقره ۾ نيٽو ملڪن جي اجلاس ۾ شرڪت جو اعلان ڪيو آهي. وائيٽ هائوس موجب، ٽرمپ نيٽو اجلاس جي سائيڊ لائن (حاشئي) تي يوڪرين جي صدر سان ملاقات پڻ ڪندو. صدر ٽرمپ جي انقره ۾ شام جي صدر احمد الشرع سان به ملاقات ٿيندي. واضح رهي ته نيٽو ملڪن جو اجلاس 7 کان 8 جولاءِ تي انقره ۾ ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو