لاهور (ويب ڊيسڪ) ايڇ بي ايل پي ايس ايل 11 جي افتتاحي ميچ ۾ لاهور قلندرز حيدرآباد ڪنگزمين کي 69 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ لاهور قلندرز ٽاس کٽي حيدرآباد ڪنگزمين خلاف بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
لاهور قلندرز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 199 رنسون ٺاهيون.
قلندرز جي اوپنر فخر زمان 39 بالن تي 53 رنسن جي اننگز کيڏي، جنهن ۾ 10 چوڪا لڳا.
انهن کان علاوه حسيب الله خان 40 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته محمد نعيم 30 رنسون ٺاهيون.
200 رنسن جي هدف جي پويان، حيدرآباد ڪنگزمين آخري بال تي 130 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
حيدرآباد ڪنگزمين جو ڪپتان مارنس لابوشين 26 رنسون ٺاهي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رهيو، رائلي ميريڊٿ 19 ۽ حسن خان 14 رنسون ٺاهيون.
قلندرز لاءِ حارث رئوف، سڪندر رضا ۽ عبيد شاهه ٻه ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.
لاهور قلندرز جي پلیئنگ اليون ۾ محمد نعيم، عبدالله شفيق، فخر زمان، پرويز حسين، حسيب الله، سڪندر رضا، آصف علي، شاهين آفريدي، حارث رئوف، مستفيض الرحمان ۽ عبيد شاهه شامل آهن.
حيدرآباد ڪنگز مينز جي پليئنگ اليون ۾ صائم ايوب، عثمان خان، مارنس لبوشگن، ڪوشل پريرا، عرفان نيازي، رضوان محمود، حسن خان، حماد اعظم، رائلي ميريڊٿ، محمد علي ۽ عاڪف جاويد شامل آهن.
قذافي اسٽيڊيم ۾ افتتاحي تقريب ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز پڻ شرڪت ڪئي.
افتتاحي ميچ جي موقعي تي اڳوڻو ڪپتان وسيم اڪرم پي ايس ايل 11 ٽرافي ميدان ۾ کڻي آيو
بلوچستان ۾ آپريشن، هڪ دهشتگرد مارجي ويو
سپريم ڪورٽ بار چونڊون، ڪراچي ۾ پولنگ دير جو شڪار
اسرائيلي چونڊون، نيتن ياهو اتحاد سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام
ڏانو ڌانڌل ۾ ايمبولينس ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب 9 فوت 3 زخمي
انگور اڊا واقعي بابت طالبان جو بيان ڪوڙو قرار
بلوچستان ۾ ٽرين آپريشن اڄ هڪ ڏينهن لاءِ معطل
عمران خان لاءِ سٺا ڏينهن نظر نٿا اچن: وساڻ جي اڳڪٿي
بئنڪن ۾ ڪيش ٽرانزيڪشن جي رپورٽنگ جي حد ۾ واڌ
نورين نيازي جي طبيعت خراب، جيل مان اسپتال منتقل
ٽيسٽ ڪرڪيٽ سالگرهه، پاڪستان جي ٽن اڳوڻن ڪپتانن کي دعوت
وڪي عملي طور، مان نظرياتي طور سمجهدار آهيان: ڪترينا ڪيف
آئيني ترميمون ۽ عدليه جي آزادي
سنڌيار ڪراچي 29 آڪٽوبر 2026ع
سنڌيار سکر 29 آڪٽوبر 2026ع
پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهن ۾ واڌ
اسپين ۾ تيز رفتار ريل گاڏين جو ٽڪر، فوتين جو انگ 68 ٿي ويو
سنڌ ۾ ڪاروبار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سڌارن جو اعلان
پ پ جي سياست جو محور عوامي خدمت ۽ آئين جي بالادستي آهي
عوامي مسئلن جي حل لاءِ اثرائتي قدمن جي هدايت
معيشت ۽ گورننس ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال کي وڌائڻ جو حڪم










