نوشھرو فيروز( رپورٽ منظور ملڪ )نوشهري فيروز ضلعي ۾ ( ميون جو بادشاهه ) انب وڏي پيماني تي لهي مارڪيٽن ۾ اچي ويو سستو هجڻ غريبن جي گهرن ۾ سرهائي ، نوشهري فيروز ضلعي جي ڀريا سٽي ، دريا خان مري ، نوان جتوئي ، ٺاروشاهه ، درٻيلو ، هالاڻي ، ۽ ٻين علائقن ۾ واپارين لکين روپين عيوض انبن جا باغ ٺيڪي تي کنيل ، انب سنڌ جي وڏن شهرن جي فروٽ سبزي منڊين کان سوا ڪي پي ڪي ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ به وڃڻ لڳو ، ڪراچي مان سنڌ انب مختلف ملڪن ۾ ايڪسپورٽ ٿيڻ لڳو ، رپورٽ موجب نوشهري فيروز ضلعي اندر مختلف علائقن ڀريا سٽي ، درياخان مري ، مٺياڻي ، نوان جتوئي ٺاروشاهه ، درٻيلو . پڊعيدن ،هالاڻي . ڪنڊيارو سميت ٻين علائقن جو انب لهي مارڪيٽن ۾ پهچي ويو آهي مقامي سبزي فروٽ منڊين ۾ روزاني جي حساب سان سوين انبن جو پيتيون وڪري لاءِ اچن ٿيو ، انبن جي انهن جسن ۾ هن وقت خاص ڪري لنگڙو انب ، سنڌڙي انب ، چونسو ، انور ٽو ل ، خاصو گلاب ، دسهڙي ، پتاشو ، فاروو مارڪيٽن ۾ پهچڻ شروع ٿي ويو ن آهن ، انبن جي بهترين ڪوالٽي جي 7 ڪلو کان 11 ڪلو واري پيتي مارڪيٽن اچي ٿي ، جنهن ۾ 7 ڪلو واري پيتي جو اگهه 500 سو روپيا ، 11 ڪلو واري پيتي جو اگهه 1000 هزار روپين تائين آهي ، جڏهن گهٽ ڪوالٽي ۽ چاڻي واري انب جي پيتي 300 کان 400 روپين تائين ملي ٿي جيڪا عام ريڙهي وارا کڻي بازارون ۾ 40 کان 70 روپيا ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪن ٿا جنهن ڪري غريب پورهيت مهانگيون ڀاڄيو ن وٺڻ بجاءِ انب روزانو کائن ٿا ،انب نه رڳو مقامي مارڪيٽن ۾ اچي ٿو پر انب ڪي پي ڪي ، پنجاب ، ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ پڻ ٽرانسپورٽ ذريعي موڪليو پيو وڃي ، واپارين موجب پهريا ن انب سنڌ ۾ لهي ٿو بعد پنجاب جي شهرن ۾ لهي ٿو انڪري جولائي مهيني جي 20 تاريخ تائين انب ٻاهر موڪليون پيا جتي پيتي 800 کان 1200 سو روپين تائين وڪرو ٿئي پئي واپارين موجب هو لکين روپين عيوض باغ ٺيڪي کڻن ٿا تازو تيز طوفانن جي سبب انبن جي باغ مان وڏي پيماني تي ڇاڻو ٿيو تنهن جي باوجود مالڪ جي مهربانين سان بهتر مال ڪڍون پيا ، انب مارڪيٽن ۾ اچن سان غريبن جي گهرن ۾ سرهائي ڏسجي ٿي ،










