امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا حفاظتي انتظام ڪرڻ جو حڪم

امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا حفاظتي انتظام ڪرڻ جو حڪم

گهوٽڪي (ن س)ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جو امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا حفاظتي انتظام ڪرڻ جو حڪم. ڊائريڪٽر ايريا واٽر بورڊ ۽ ايگزيڪيوٽو انجبيئرن کي حفاظتي بندن جي نگراني ڪرڻ جون هدايتون جاري. تفصيل موجب نيشنل دزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پاران فلڊ الرٽ جاري ٿيڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ ڊائريڪٽر ايريا واٽر بورڊ سميت لاڳاپيل ايگزيڪيوٽو انجنيئرن کي هدايت جاري ڪندي چيو آهي ته سنڌو درياءَ ۾ امڪاني ٻوڏ جي پيش نظر سمورا حفاظتي انتظام مڪمل ڪيا وڃن ان سلسلي ۾ آبپاشي کاتي جي عملي جون موڪلون رد ڪري ضعلي گهوٽڪي جي حفاظتي بندن جي نگراني ڪئي وڃي، جڏهن ته ڪچي جي رهواسين کي پڻ آگاه ڪيو وڃي ته هو صورتحال جي پيش نظر پنهنجي قيمتي سامان ۽ چوپائي مال سميت محفوظ هنڌ تي منتقل ٿي وڃن. ان موقعي تي آبپاشي کاتي جي عملدارن ڊپٽي ڪمشنر کي ٻڌايو ته گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿيون وهڪرو 3 لک 86 هزار 7 سئو ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، صورتحال جي نگراني ڪريون پيا، ٻوڏ جو وهڪرو درياءَ مان آساني سان گذري ويندو، ان باوجود مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو