اميد ته ڌريون جنگ بندي جي پاسداري ڪنديون، وزيراعظم

اميد ته ڌريون جنگ بندي جي پاسداري ڪنديون، وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف صدر ٽرمپ جو شڪريو ادا ڪيو آهي ته هن سندس ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي جنگ بندي وڌائڻ جي درخواست قبول ڪئي.وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پاڪستان تڪرارن جي ڳالهين ذريعي حل لاءِ پنهنجون ڀرپور ڪوششون جاري رکندو.هن وڌيڪ چيو ته کيس اميد آهي ته ٻئي ڌريون جنگ بندي جي پاسداري جاري رکندا.وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته ٻئي ڌريون اسلام آباد ۾ طئي ٿيل ڳالهين جي ٻئي دور دوران هڪ جامع امن معاهدي تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وينديون ته جيئن تڪرار کي مستقل طور تي ختم ڪري سگهجي.ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته پاڪستاني قيادت اسان کي چيو آهي ته ايران تي حملو نه ڪريو.سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾، ٽرمپ چيو ته هو ڳالهين جي مڪمل ٿيڻ تائين جنگ بندي کي وڌائي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو