امن دشمن عنصرن خلاف “زيُرو ٽالرينس” واري پاليسي ھوندي،لنجار

امن دشمن عنصرن خلاف “زيُرو ٽالرينس” واري پاليسي ھوندي،لنجار

سکر (ن س) سنڌ جي وزير داخلا ضياءالحسن لنجار جي صدارت هيٺ سکر رينج ۾ امن امان جي صورتحال بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ آئي جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ، ڊي آءِ جي سکر ڪيپٽن (ر) فيصل عبدالله چاچڙ، ايس ايس پي سکر، ايس ايس پي گھوٽڪي، ايس ايس پي خيرپور سميت ٻين پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي۔اجلاس دوران ضلع سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ ڊي آءِ جي سکر ڪيپٽن (ر) فيصل عبدالله چاچڙ اجلاس کي موجوده صورتحال، جاري پوليس قدمن ۽ ڏوهارين خلاف ٿيندڙ ڪارروائين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني۔وزير داخلہ سنڌ ضياءالحسن لنجار اجلاس کي خطاب ڪندي واضح هدايتون ڏنيون ته ڪچي جي علائقن ۾ ڏوهارين خلاف جاري آپريشن ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي ۽ ڏوهارين سان گڏ انهن جي سهولتڪارن کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي۔هن چيو ته امن دشمن عنصرن خلاف “زيُرو ٽالرينس” واري پاليسي تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ۽ پوليس رينج جي سڀني ضلعن ۾ انٽيليجنس بنيادن تي ٽارگيٽيڊ ڪارروائيون ڪيون وڃن ته جيئن امن امان جي صورتحال وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي۔وزير داخلا سنڌ ضياءالحسن لنجار چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت سنڌ جي پهرين ترجيح آهي ۽ جيسين صوبو ڏوهن ۽ دهشتگردي کان مڪمل طور پاڪ نه ٿيندو، تيسين سڪون سان نه ويهنداسين۔هن پوليس آفيسرن تي زور ڏنو ته هو عوامي سهڪار سان ڏوھارين جي نيٽ ورڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ مؤثر حڪمتِ عملي اختيار ڪن ۽ شهرين ۾ تحفظ جو احساس پيدا ڪن۔وزير داخلہ سنڌ جو چوڻ هو ته ڏوهارين خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي، سنڌ کي امن جو گهر بڻائڻ اسان جو مشن آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو