اليڪشن ڪميشن جو پنجاب جي گورنر کي خط

اليڪشن ڪميشن جو پنجاب جي گورنر کي خط

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن صوبي ۾ چونڊن جي تاريخ تي مشاورت لاءِ 14 فيبروري تي پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان کي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد تي غور ڪيو ويو.اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي پنجاب جي گورنر سان مشاورت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.پڌرائي موجب اسپيشل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ۽ ڊائريڪٽر جنرل قانوني مشاورت کانپوءِ اليڪشن ڪميشن کي بريفنگ ڏيندا.واضح رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ 10 فيبروري تي ڏنل پنهنجي فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن کي پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبليءَ جي تڪ بندين جي تاريخ جو اعلان ڪري، اليڪشن ڪميشن گورنر سان مشاورت بعد نوٽيفڪيشن جاري ڪري، آئين ۾ ڏنل 90 ڏينهن جي مدي کي يقيني بڻايو وڃي. وڌي نه وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو