اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ بينڪنگ آرڊيننس تحت اپيلن تي ڪيس اڪلائي ڇڏيو.آئيني بئنچ ليڊي هيلٿ ورڪرن جي سروس سٽرڪچر بابت ڪيس جي ٻڌڻي به ملتوي ڪري ڇڏي ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز بابت سمورن ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.ٻئي طرف سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچ الجهاد ٽرسٽ خلاف وفاق خلاف ڪيس کي غير موثر قرار ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.جسٽس جمال مندو خيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس نعيم اختر 6 رڪني آئيني بينچ جو حصو آهن.آئيني بينچ ڪورٽ روم نمبر 3 ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي ۽ اڄ آئيني بينچ آڏو 16 ڪيسن جي ٻڌڻي ٿيندي.










