اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي بجلي صارفين تي هڪ رپيو 52 پئسا في يونٽ سرچارج لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي بجلي صارفين تي سرچارج لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني.اقتصادي رابطا ڪميٽي جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي جي بجلي صارفين کان 12 مهينن ۾ هڪ رپيو 52 پئسا في يونٽ وصول ڪيو ويندو.اي سي سي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته ڪاٺ جي درآمد لاءِ موجوده شرطن جي منسوخي جي منظوري ڏيندي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت کي سفارشون پيش ڪري.اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ نظر ثاني ٿيل سرڪلر ڊيبٽ مئنيجمينٽ پلان تي به غور ڪيو ويو، ڪميٽي هڪ ارب رپين جي استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي.اجلاس ۾ سرڪاري ادارن کي دواسازي جو خام مال درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي ۽ مختلف وزارتن ۽ کاتن کي سپليمنٽري گرانٽ ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي.










