اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته افغانستان ۾ هوائي فوج جي بروقت ۽ اثرائتي ڪارروائي معصوم جانين جو بدلو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ طارق فضل چوڌري چيو ته پاڪستان هوائي فوج جي بازن افغانستان ۾ فتنہ الخوارج جي ٺڪاڻن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو. جيڪي پاڪستان خلاف سازشن جو ڄار وڇائي رهيا آهن انهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر واضح پيغام مليو آهي ته هي زمين ڪمزور ناهي، ان کي شهيدن جي رت سان مضبوط ڪيو ويو آهي.هن چيو ته افغانستان ۾ هندستاني سرپرستي هيٺ پرورش پذير فتنہ الخوارج جي ٺڪاڻن تي پاڪستان هوائي فوج جي بروقت ۽ اثرائتي ڪارروائي اصل ۾ انهن معصوم جانين جو بدلو آهي جيڪي دهشتگردي جي باهه ۾ اڇلائي ويون هيون. هي صرف هڪ آپريشن نه هو، اهو هر ماءُ جي ڳوڙهن جو جواب هو جنهن وطن لاءِ پنهنجو پٽ قربان ڪيو، اهو هر ٻار جي خوابن جو دفاع هو جيڪو هڪ محفوظ پاڪستان چاهي ٿو.هن چيو ته جيڪو به پاڪستان کي ڪمزور سمجهڻ جي غلطي ڪري ٿو، ان کي ياد رکڻ گهرجي ته اسان ضرور امن چاهيون ٿا، پر اسان پنهنجي زمين، پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي وقار تي سمجهوتو نه ٿا ڪريون. پاڪستان جي ملڪ جي هر انچ جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويندو، ۽ رياست تي اٿندڙ هر بڇڙي نظر کي ختم ڪيو ويندو.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته هي وطن اسان جي سڃاڻپ آهي، اسان جي عزت آهي، اسان جو ايمان آهي، پاڪستان اڳ به هو، پاڪستان اڄ به آهي، ۽ پاڪستان هميشه رهندو.










