افغانستان مان ٿيندڙ دهشتگردي پوري دنيا لاءِ خطرو آهي: عاصم افتخار

افغانستان مان ٿيندڙ دهشتگردي پوري دنيا لاءِ خطرو آهي: عاصم افتخار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي گڏيل قومن جي سفير عاصم افتخار چيو آهي ته پاڪستان هڪ محفوظ ۽ پرامن افغانستان چاهي ٿو، افغانستان ۾ دهشتگرد گروپ موجود آهن، افغانستان مان دهشتگردي پوري دنيا لاءِ خطرو آهي. دوحا معاهدي تي عمل درآمد ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.افغانستان تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي عاصم افتخار چيو ته 26 فيبروري تي طالبان حڪومت بغير ڪنهن سبب جي پاڪستان تي حملو ڪيو. پاڪستان جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ دشمن قوتن ۽ دهشتگردن کي نشانو بڻايو.هن چيو ته افغانستان دهشتگرد تنظيمن لاءِ محفوظ پناهه گاهه بڻجي چڪو آهي، طالبان حڪومت دهشتگردن کي پناهه ڏني آهي، افغانستان مان ايندڙ دهشتگردن بيگناهه پاڪستانين کي قتل ڪيو آهي. اسان دهشتگردي جي خلاف آپريشن دوران پرڏيهي هٿيار هٿ ڪيا.اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي سفير چيو ته طالبان حڪومت امن جو دور شروع ڪرڻ جي ذميوار هئي، افغان طالبان حڪومت دوحا معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي.عاصم افتخار چيو ته گذريل سال اسان افغانستان کي ڪيتريون ئي رعايتون ڏنيون، دوحا معاهدي تي عمل درآمد ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.هن وڌيڪ چيو ته ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ٻيون دهشتگرد تنظيمون افغانستان مان دهشتگرد حملن جي منصوبابندي ڪن ٿيون، ۽ دهشتگرد پاڪستان جي مختلف شهرن تي خودڪش حملا ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو