راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) آپريشن غضب للحق تحت پاڪ-افغان سرحد تي افغان طالبان، فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان خلاف پاڪ فوج جون اثرائتيون ڪارروايون جاري آهن.سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪستاني فوج 50 مختلف هنڌن تي افغان طالبان، فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ۽ تباهه ڪيو.3 ۽ 4 مارچ جي رات پاڪستاني فوج پاران ڳري هٿيارن سان آپريشن ڪيا ويا.پاڪستاني فوج قلعه سيف الله، چمن، سمبازا، غدوانا، جاني ۽ غزنهلي سيڪٽرن ۾ اثرائتي ڪارروايون ڪيون. اهي هنڌ سرحد پار کان دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهيا هئا. آپريشن دوران افغان طالبان، فتنہ الخوارج ۽ فتنہ الهندستان کي وڏي جاني ۽ مالي نقصان جي خبر آهي.پاڪستاني فوج افغان طالبان جي جارحيت خلاف ملڪ جي خودمختياري ۽ شهرين جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي. آپريشن غضب الحق تحت آپريشن مقرر ڪيل مقصدن جي مڪمل حاصل ٿيڻ تائين جاري رهندا.










