اسلام آباد (بيور رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم خان سواتي جي تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ رياست کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي اعظم سواتي جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست تي رياست کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.اعظم سواتي طرفان سندس وڪيل بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌرين کان ايندڙ سومر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. واضح رهي ته ايف آءِ اي 26 نومبر 2022 تي اعظم سواتي خلاف تڪراري ٽوئيٽس تي ڪيس داخل ڪيو هو. ٽرائل ڪورٽ 21 ڊسمبر تي اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.بابر اعواڻ طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل ضمانت واري درخواست ۾ اعظم سواتي موقف اختيار ڪيو آهي ته هن مبينا ٽوئيٽ پوسٽ نه ڪئي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اعظم سواتي جو ڪنهن اداري کي بدنام ڪرڻ جو ارادو به نه هو، جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ به استغاثه وٽ سندس خلاف ڪو ثبوت ناهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته درخواستگذار اعظم سواتي جي عمر 75 سال آهي ۽ دل جي بيماري ۾ مبتلا آهي، مٿس ڪيس دستاويزي الزامن تي ٻڌل آهي، کيس جيل ۾ رکڻ مقدمي کان اڳ واري سزا جي برابر هوندو.










