اضافي ڀاڙا وصولي خلاف مهم جاري، ڏيڍ ڪروڙ روپيا واپس

اضافي ڀاڙا وصولي خلاف مهم جاري، ڏيڍ ڪروڙ روپيا واپس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت پاران اضافي ڀاڙن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جاري آهي، جنهن تحت مسافرن کي هيل تائين 1 ڪروڙ 59 لک 97 هزار 600 رپيا واپس ڪرايا ويا آهن.سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايت تي ٽرانسپورٽ اختيارين مختلف ڪاررواين ۾ 5,294 گاڏين جي چڪاس ڪئي، جن مان 3,979 گاڏين خلاف چالان جاري ڪيو ويو. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽرن جي هڪ هٽي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي ۽ اضافي ڀاڙو وٺندڙن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي جاري رهندي. هن واضح ڪيو ته عيد دوران به ڀاڙن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ مهم جاري رهندي ته جيئن عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اضافي ڀاڙو وٺندڙ ٽرانسپورٽرز خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ۽ ڪنهن کي به معاف نه ڪيو ويندو. مسافرن کي اضافي ڀاڙن کان ڇوٽڪارو ڏياري ڏيڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي، ۽ هن معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽرانسپورٽ اختيارين کي بس اسٽينڊن ۽ شاهراهن تي چوڪس رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عوام جي کيسي تي ڌاڙي جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، قانون سڀني لاءِ برابر آهي. هن شهرين کي اپيل ڪئي ته جيڪڏهن ڪو به اضافي ڀاڙو وٺي ته فوري طور اطلاع ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو