اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان

اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) 100 انڊيڪس ٽريڊنگ دوران 1,837 پوائنٽس جي واڌ کان پوءِ 155,803 تي پهچي ويو.
ٽريڊنگ دوران، 100 انڊيڪس 155,291 جي گهٽ ۾ گهٽ سطح تي پهچي ويو، جڏهن ته 155,927 جي بلند ترين سطح تي پڻ پهچي ويو، ڪالهه ڪاروبار جي بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 153,966 پوائنٽس تي بند ٿيو هو.
ٻئي طرف ڊالر جي انٽربينڪ ريٽ هڪ پئسا گهٽجي 279.21 پئسا ٿي وئي.
گذريل ڏينهن انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 279.22 رپين تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو