بدين (ن س)بدين ۾ ڪار حادثي ۾ شهيد فاضل راهو جي ڌيءَ ۽ صوبائي وزير يونيورسٽيز ۽ بورڊز اسماعيل راهو جي ڀيڻ حسنا راهو سميت ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا، پوليس موجب، حادثو خرواهه چوڪ تي پيش آيو جتي ٻه گاڏيون ٽڪرائجي ويون، حادثي ۾ حسنا راهو سميت پنج ماڻهو زخمي ٿيا، حادثي ۾ سڀني زخمين کي تعلقي اسپتال گولارچي منتقل ڪيو ويو. بعد ۾ حسنا راهو کي نازڪ حالت ۾ ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال نيو ويو، پر هوءَ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، حسنا راهو کان علاوه حادثي ۾ هڪ ٻيو زخمي به فوت ٿي ويو.










