اسلام آباد ۾ ڊينگي ٽيسٽ جي فيس مقرر

اسلام آباد ۾ ڊينگي ٽيسٽ جي فيس مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد ۾ ڊينگي ٽيسٽ جي فيس مقرر ڪئي وئي آهي، سڀئي ليبارٽريون ڊينگي ٽيسٽ لاءِ 1500 کان وڌيڪ نه وٺنديون.هيلٿ ڪيئر ريگيوليشن ايڪٽ 2018 جي تحت، سڀئي اسپتالون ۽ ليبارٽريون ٽيرف تي عمل ڪرڻ جون پابند هونديون.اسلام آباد هيلٿ ڪيئر ريگيوليشن اٿارٽي جي مطابق، ڊينگي لاءِ NS-1، IgG، IgM ٽيسٽ (ELISA) 1500 رپيا وصول ڪيا ويندا، هي حڪم 31 ڊسمبر 2025 تائين لاڳو رهندو.IHRA چيو آهي ته خلاف ورزي تي جرمانو ۽ رجسٽريشن منسوخ يا ليبارٽري بند ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو