استنبول ۾ زلزلي جا وڏا جهٽڪا، عوام ۾ خوف ڇائنيل

استنبول ۾ زلزلي جا وڏا جهٽڪا، عوام ۾ خوف ڇائنيل

انقره (ويب ڊيسڪ)ترڪي ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ واري اداري AFAD موجب، اربع ڏينهن استنبول ۾ 6.2 شدت وارو زلزلو آيو، جيڪو گذريل ڪجهه سالن دوران 16 ملين آبادي واري شهر کي لڳندڙ سڀني کان مضبوط جهٽڪو آهي. فوري طور تي ڪنهن به نقصان جو اطلاع ناهي مليو، پر جڏهن زلزلو آيو ته ماڻهو عمارتن مان ڀڄندا ٻاهر نڪري آيا ۽ شهر کي لوڏي ڇڏيو، جيڪو بوسفورس آبنائي رستي جي يورپي ۽ ايشيائي ڪنارن تي واقع آهي. AFAD ٻڌايو ته زلزلي جو مرڪز سلورري علائقي ۾ هو، جيڪو استنبول کان اٽڪل 80 ڪلوميٽر پري اولهه طرف واقع آهي، ۽ اهو 12:49 وڳي ڏينهن (2:49 پاڪستاني وقت مطابق) آيو. AFAD موجب، زلزلي جي اونهائي 6.92 ڪلوميٽر هئي. ٽي وي چينل TGRT رپورٽ ڏني ته زلزلي دوران هڪ شخص بالڪني تان ٽپي ڏيڻ سبب زخمي ٿي پيو، جيڪو ترڪي ۾ عام موڪل جي ڏينهن پيش آيو. AFAD علائقي جي ماڻهن کي خبردار ڪيو آهي ته اهي نقصان پهتل عمارتن ۾ داخل نه ٿين. جرمن ريسرچ سينٽر فار جيو سائنسز (GFZ) ٻڌايو ته زلزلي جي شدت 6.02 هئي. GFZ موجب، ان جي اونهائي 10 ڪلوميٽر هئي. ترڪ اختيارين عوام کي محفوظ جاين تي رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. ترڪيه جي ميڊيا جو چوڻ آهي ته مک زلزلي جي جهٽڪي بعد وقفي وقفي سان ٻه ڀيرا آفٽر شاڪس به آيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو