اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن استحڪام پاڪستان پارٽي جي چونڊ نشان کي روڪي ڇڏيو. رپورٽ موجب استحڪام پاڪستان پارٽي(آءِ پي پي) جو چونڊ نشان انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ ۽ ساليانو گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تي روڪيو ويو آهي.ڪيس جي ٻڌڻي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميشن ڪئي. پر آءِ پي پي طرفان ڪوبه نمائندو اليڪشن ڪميشن ۾ پيش نه ٿيو. ٻڌڻي دوران ڊي جي پوليٽيڪل فنانس مسعود شيرواني اليڪشن ڪميشن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته آءِ پي پي پنهنجي آئين ۽ اليڪشنز ايڪٽ تي عمل نه ڪري رهي آهي. پارٽي آئين جي تحت هر 4 سالن کان پوءِ آءِ پي پي جون انٽرا پارٽي چونڊون ٿيڻ لازمي آهن. جڏهن ته آءِ پي پي جون انٽرا پارٽي چونڊون جنوري 2026 ۾ ٿيڻيون هيون جيڪي نه ٿيون.هن وڌيڪ ٻڌايو ته آءِ پي پي ساليانه فنڊز ۽ خرچن جا تفصيل به جمع نه ڪرائي رهي آهي انهي لاءِ استحڪام پاڪستان پارٽي جو نشان روڪيو ويو آهي. هن استحڪام پاڪستان پارٽي کي ڊي لسٽ ڪرڻ جي سفارش به ڪئي. انهي موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر پڇاڻو ڪيو ته ڇا آءِ پي پي کي نوٽيس ڏنو ويو هو جنهن تي ڊي جي پوليٽيڪل فنانس ٻڌايو ته نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 26 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










