اسلام آباد(بيورو)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره جو چوڻ آهي ته اسان کي ڪنهن به گورنر راڄ جي ضرورت ناهي ۽ نه ئي لاڳو ڪرڻ چاهيون ٿا.ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت گورنر راڄ جو خطرو ناهي قمر زمان ڪائره چيو آهي ته تحريڪ انصاف راڻا ثناءُ الله جي پنجاب ۾ داخلا روڪڻ جو چيو هو، جنهن تي راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن هو سندس پنجاب ۾ داخلا روڪين ته پوءِ گورنر راڄ لاءِ اهو ئي جواز ڪافي هوندو.هن چيو ته عدالتي سڌارا اسان جي ايجنڊا جو حصو آهي، اسان اهو اڄ نه پيا چئي رهيا آهيون، اسان تڏهن به چيو جڏهن حڪومت آئي.قمر زمان ڪائره جو چوڻ آهي ته فوج ۽ سياستدانن وانگر عدليه کي به آئيني دائري ۾ رهڻو پوندو، جيڪڏهن ڪو حد کان لنگهي ٿو ته کيس حدن اندر رهڻ لاءِ ڪجهه فيصلا ڪرڻا پوندا.سندس اهو به چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت ٻن چئن ڏينهن جي مهمان آهي.










