ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ارسا ۾ سنڌ جو ميمبر مقرر نه ٿيڻ تي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي، ارسا ۾ سنڌ جو ميمبر مقرر نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو،سرڪاري وڪيل ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي چيو ته وفاق سنڌ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا فيصلا سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيا آهن، ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي معزز هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏيندي چيو ته وفاق رڳو سنڌ هاءِ ڪورٽ جا فيصلي تي عمل نه پئي ڪري،ڊويزن بينچ جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ ڪئين ٿي بي اثر ڪري سگهي ؟ بعد ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواستن تي ٻڌڻي 27 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي










