ادارن وچ ۾ ٽڪراءُ ملڪي ۽ قومي مفاد ۾ ڪونھي، شيخ

ادارن وچ ۾ ٽڪراءُ ملڪي ۽ قومي مفاد ۾ ڪونھي، شيخ

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي تہ ادارن وچ۾ ٽڪراءُ ملڪي مفاد ۾ ڪونهي، ڏنڊي جي زور تي من پسند قانون سازي ڪري ادارن جا هٿ پير ٻڌڻ جو عمل جمھوريت جي دعويدار پارٽين لاءِ ڳڻتي جوڳو آهي. هاڻوڪي قانون سازي کي پارلياماني تاريخ جو ڪارو ڏينهن قرار ڏيندڙ پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني کي اهو هر گز وسارڻ نہ گھرجي تہ ان سڄي عمل ۾ بلاول سميت پ پ ڀاڱي ڀائيوار آهي.صرف بيان ڪافي ناھي ان کي پنھنجي پارٽي جي پاليسن تي بہ لب ڪشائي ڪرڻ گھرجي. سنڌو جي پاڻيء مٿان ڌاڙي خلاف 17 نومبر تي درياھ بچايو ڪميٽي طرفان ڏنل احتجاج جي سڏ تي جماعت اسلامي جا ڪارڪن ڀرپور شرڪت ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ قباء آڊيٽوريم ۾ ملاقات ڪندڙ وفدن سان ڳالهائيندي ڪيو. جماعت اسلامي جي اڳواڻ جيڪب آباد ۾ گھر ۾ گھڙي ڪري ٽن وحشين طرفان عورت سان اجتماعي زيادتي جي افسوس ناڪ واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو تہ لڳي ٿو تہ سنڌ ڪراچيءَ کان ڪشمور جهنگ جو قانون آهي ھتي قانون ۽ انصاف نالي جي ڪابہ شي ڪونھي، جيڪڏهن ٻہ مھينا اڳ پوليو ورڪر خاتون ڪيس توڙي معصوم ٻارڙي حسينہ کوسو کي زيادتي بعد بي دردي سان قتل واري ڪيس ۾ ملوث ڏوهارين کي عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي ها تہ اڄ ڪنهن بہ لوفر کي اهڙي جرئت ني ٿئي ها.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو