اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بئنچن جي اختيارن بابت ڪيس مقرر نه ڪرڻ تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت حڪم تي اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ ۽ سپريم ڪورٽ جو ايڊيشنل رجسٽرار نذر عباس عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي جي شروعات ٿي ته اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ عدالتي معاون مقرر ڪرڻ تي اعتراض ڪندي موقف اختيار ڪيو ته جيڪي عدالتي معاون مقرر ڪيا ويا اهي 26هين آئيني ترميم خلاف درخواست ڏيندڙن جا وڪيل آهن.جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته هن ڪيس جو آئيني ترميم سان ڪوبه تعلق ناهي، ڪو ائين ڊڄي وڃي ٿو ته الڳ ڳالهه آهي. اٽارني جنرل جي اعتراض تي عدالت خواجا حارث ۽ احسن ڀون عدالتي معاون مقرر ڪري ڇڏيا. اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ چيو ته توهين عدالت ڪيس ۾ عدالت جو تمام محدود اختيار ٻڌڻي آهي، شوڪاز نوٽيس جنهن کي جاري ڪيو ويو هن جو لکت بيان جمع ٿيڻ گهرجي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته سندن مقصد اهڙو نه هو، ڄاڻڻ چاهن ٿا ته ڪيس واپس ڇو ٿيو، ڪيس مقرر نه ڪرڻ بابت خبر ناهي، نذر عباس جو ڪيترو تعلق آهي، نذر عباس صاحب اوهان سان به ڪجهه ٿي ويو آهي؟.اٽارني جنرل چيو ته ڪرمنل اوريجنل اختيار ٻڌڻي تحت هي معاملو عدالت ۽ توهين عدالت وچ ۾ آهي، جيڪي معاون مقرر ڪيا ويا آهن، اهي 26هين ترميم چيلينج ڪندڙن جا وڪيل آهن. جسٽس عقيل عباسي چيو ته اوهان جي راءِ درست آهي، کين ان ڳالهه جي خبر به آهي، جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هو هن گروپ مان ڪنهن ٻئي کي عدالتي معاون مقرر ڪن ٿا. اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ چيو ته 26هين آئيني ترميم تحت هاڻي بينچ ٺاهڻ جو اختيار آئيني ڪميٽي کي آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته سوال پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون جي سيڪشن ٽو جو آهي، بينچ پنهنجو دائره اختيار ڏسڻ چاهي ٿي ته ڇا ڪيس واپس وٺي سگهجي ٿو؟.عدالت ايڊيشنل رجسٽرار نذر عباس کان اڄ ئي لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو. جسٽس منصور علي شاهه اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان مسڪرائي رهيا آهيو، عدالتي معاون لاءِ ڪو نالو ڏيو، جنهن تي اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ مسڪرائيندي جواب ڏنو ته هو ڪو نالو تجويز نه ٿو ڪري، ڪسٽم ايڪٽ جو مرڪزي ڪيس اوهان جي سامهون ناهي هاڻي. اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ چيو ته جيڪو سوال عدالت اٿاريو آهي ته اهو توهين عدالت ۾ هه ٿو ٻڌي سگهجي، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته نذر عباس جي دفاع ۾ ڪميٽي جا فيصلا پيش ڪيا ويا هئا. اٽارني جنرل چيو ته نذر عباس جو لکت ۾ جواب اچڻ تائين رجسٽرار جو موقف ان جو دفاع قرار نٿو ڏئي سگهجي. اٽارني جنرل چيو ته توهين عدالت ڪيس ۾ پراسيڪيوٽر طور پيش ٿي سگهان ٿو، قانوني سوال تي عدالت جي معاونت 27 اي تحت ڪري سگهان ٿو، توهين عدالت ڪيس ۾ اٽارني جنرل طور سندس پوزيشن مختلف آهي. عدالت توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










