اسلام آباد (بيورو رپورٽ)خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته احتجاج، ڌرڻا ۽ روڊ بند ڪرڻ سان پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان جو علاج نه ٿيندو. ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ هر هنڌ 20 کان 25 ماڻهو ويٺا آهن، ۽ احتجاج لاءِ نڪرندڙ ماڻهن جو تعداد قيدين سان ڀريل وين جي برابر آهي.خيبرپختونخواهه جي گورنر چيو ته صوبو جنگ جي حالت ۾ آهي ۽ خيبرپختونخواهه ڪابينا باني جي علاج لاءِ هڙتال تي آهي. هن چيو ته صوبائي مشينري احتجاج ڪندڙن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت عمران خان سان مناسب سلوڪ ڪري رهي آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته علي امين گنڊاپور پاڻ چئي رهيو آهي ته مان محسن نقوي جو سٺو پٽ هوس.










