اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج اتر وزيرستان جي غلام خان سيڪٽر ۾ سرحد پار کان دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائيندي 37 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو .سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ايڪس تي تفصيل جاري ڪندي لکيو ته ” دهشتگردن خلاف آپريشن ”غضب لِلحق“ جاري آهي، 2 ۽ 3 اپريل واري رات اتر وزيرستان جي سرحدي علائقي غلام خان سيڪٽر ۾ سرحدي چوڪي تي افغان طالبان / فتنه الخوارج طرفان حملي جي ڪوشش کي مڪمل طور ناڪام بڻايو ويو، جنهن ۾ کين ڳرو جاني نقصان برداشت ڪرڻو پيو، جن ۾ 37 خارجي مارجي ويا ۽ 80 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. هن چيو ته ” افغانستان ۾ موجود دهشتگردن خلاف جاري آپريشن ”للحق“ ۾ 5 اپريل شام 5 وڳي تائين مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 796 تائين پهچي ويو جڏهن ته 1043 زخمي آهن. سڌ سماءُ وري وزير موجب، آپريشن دوران هينئر تائين دهشتگردن ۽ افغان ريجيم جون 286 چوڪيون تباهه ٿي چڪيون آهن جڏهن ته 44 چوڪيون قبضي ۾ ورتيون ويون، 249 ٽينڪ، بڪتربند گاڏيون، توپ ۽ ڊرون تباهه ڪيا ويا، افغانستان ۾ دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جي 81 ٿاڪن کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو ويو.










