بمبار کي ڳولي ورتو، دهشتگردن جي نيٽ ورڪ جي ويجهو آهيون: آءِ جي

بمبار کي ڳولي ورتو، دهشتگردن جي نيٽ ورڪ جي ويجهو آهيون: آءِ جي

پشاور(ويب ڊيسڪ)انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) خيبرپختونخواهه پوليس معظم جان انصاري جو چوڻ آهي ته پشاور پوليس لائنز ۾ شهيدن جو سبب بڻجندڙ دهشتگرد نيٽ ورڪ جي ويجهو پهچي ويا آهن.پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ جي پي ايس پي جو چوڻ هو ته پشاور ڌماڪي سبب مون سميت سمورا آفيسر ۽ اهلڪار اداس آهن پر پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، هر شهيد جو بدلو وٺنداسين،معظم جان انصاري چيو ته ڊرون حملي جو معاملو سراسر غلط آهي، ڪنهن چيو ته ڌماڪيدار مادو رکيو ويو آهي ته ڪنهن ان کي ڊرون حملو قرار ڏنو، هتي هر ڪو سائنسدان آهي،هن چيو ته مسجد جي هال ۾ ڪو به ستون نه هو جنهن ۾ ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي سبب پهرين مسجد جون ڀتيون ڪري پيون،هن چيو ته منهنجي ماڻهن کي احتجاج تي ڀڙڪائڻ مون کي تڪليف ڏئي رهيو آهي، انهن شاهدين جي ڪري اسان دهشتگردن جي هن نيٽ ورڪ جي ويجهو آهيون، حملي آور جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي، حملي آور پوليس جي يونيفارم ۾ آيو هو، دهشتگرد موٽرسائيڪل تي آيو هو ۽ اسان کي سائيڪل پڻ ملي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو