اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ آپريشن غضب الله حق جي تازي صورتحال بابت آگاهه ڪيو آهي.اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته آپريشن غضب الله حق ۾ آپريشن دوران افغان طالبان کي وڏو نقصان پهتو آهي. هاڻي تائين افغان طالبان جي حڪومت جا 527 ڪارڪن مارجي ويا آهن ۽ 755 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.عطاءُ تارڙ چيو ته آپريشن جي نتيجي ۾ دشمن جون 237 چيڪ پوسٽون تباهه ٿي ويون آهن، جڏهن ته 38 چيڪ پوسٽون پڻ قبضي ۾ ڪيون ويون آهن.اطلاعات واري وزير موجب، آپريشن دوران افغان طالبان جا 205 ٽينڪ، بکتر بند گاڏيون ۽ توپخانا پڻ تباهه ڪيا ويا آهن.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هوائي حملي دوران افغانستان ۾ 62 مختلف هنڌن کي اثرائتي طور تي نشانو بڻايو ويو، جتي دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ فوجي تنصيبات کي نقصان پهتو.اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آپريشن جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري آهن ۽ سيڪيورٽي فورسز موثر حڪمت عملي سان دشمن خلاف اڳتي وڌي رهيون آهن.










