آمريڪي ۽ روسي عملدارن جي سعودي ۾ ملاقات جو امڪان

آمريڪي ۽ روسي عملدارن جي سعودي ۾ ملاقات جو امڪان

رياض (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ۽ روسي عملدارن جي سعودي عرب ۾ ملاقات جي اميد آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب متوقع ملاقات ۾ روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جنگ جي خاتمي تي بحث ٿيڻ جو امڪان آهي.يوڪريني صدر جي هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته يوڪرين کي سعودي عرب ۾ ڳالهين جي دعوت نه ڏني وئي آهي.ان کان اڳ، روس ۽ آمريڪا جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ سرگئي لاوروف ۽ مارڪو روبيو ٻه طرفي ڳالهيون شروع ڪرڻ جي رضامندي جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو