ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ملڪي ايڪسچينج مارڪيٽن ۾ اڄ ڊالر جي قدر گهٽجي وئي. آمريڪي ڊالر اڄ انٽربينڪ فارن ايڪسچينج (IFEX) ۾ روپي جي مقابلي ۾ 43 پئسا وڃائي چڪو آهي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 20 پئسا گهٽجي 186 رپيا 80 پئسا ٿي ويو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن به ملڪ ۾ پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي هئي.










