ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل خاني ٻاهران احتجاج ۽ فساد جا ٽي ڪيس حڪومت جي شڪايت تي داخل ڪيا ويا آهن.ڪيسن ۾ قتل، قتل جي ڪوشش، دهشتگردي ۽ فساد جا دفعات شامل آهن. ڪيس پوليس انسپيڪٽر نند لال جي شڪايت تي ڊاڪس پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ نو موت ۽ 31 زخمين جو ذڪر آهي.ڪيس جي متن موجب، 150 کان 200 ماڻهو اتي موجود هئا، جن مان ڪجهه قونصل خاني ۾ داخل ٿيا.










