آمريڪي سفارتخاني جي گاڏي جي ٽڪر ۾ عورت فوت 5 زخمي

آمريڪي سفارتخاني جي گاڏي جي ٽڪر ۾ عورت فوت 5 زخمي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آمريڪي  سفارتخاني جي گاڏي جي عام شهري جي گاڏي سان ٽڪر ۾ هڪ عورت فوت ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب فيصل ايوينيو کان ايندڙ سفيد رنگ جي خيبرڪار جو مرگلا روڊ تان ايف ٽين کان ايف سيون ويندڙ آمريڪي سفارتخاني جي لينڊ ڪروزرگاڏي سان ٽڪر ٿي پيو. جنهن سبب خيبر ڪار ۾ سوار نازيه بي يي موقعي تي فوت ٿي وئي. سندس مڙس اخلاق، ڀائٽيو شڪيل سندس زال نبيلا، نياڻيون سعديه ۽ مناحل زخمي ٿي پيون. هو حريپور فوتگي تي وڃي رهيا هئا. مرگلا ٿاڻي تي داخل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لاش ۽ زخمين کي پوليس پمز اسپتال پهچايو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته آمريڪي سفارتخاني جي گاڏي پاڪستاني ڊرائيور امجد زمان ولد مير زمان هلائي رهيو هو جنهن لاپرواهي ڪندي سگنل ٽوڙيو جنهن سبب حادثو پيش آيو. پوليس کيس حراست ۾ ورتو آهي. ياد رهي ته اڳ ۾ به ٻن آمريڪي سفارتخاني جي گاڏين جا حادثا ٿي چڪا آهن جن ۾ هو ڊرنڪ هئا ۽ سفارتي تحفظ سبب سندن خلاف ڪاروائي نه ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو