واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا وينزويلا جي راڄڌاني ڪاراڪس ۽ ٻين ڪيترين رياستن تي وڏي پيماني تي حملا ڪيا آهن، صدر ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته وينزويلا جي صدر مادورو ۽ سندس زال کي حراست ۾ وٺي ملڪ کان ٻاهر نيو ويو آهي. وينزويلا جي نائب صدر حملن جي مذمت ڪندي صدر ٽرمپ کان صدر ۽ سندس گهرواري جي زندهه هجڻ جو ثبوت گهريو آهي. جڏهن تي وينزويلا جي پرڏيهي وزير گڏيل قومي جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. مارڪو روبيو صدر مادور جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته مٿس آمريڪا ۾ ڪرمنل ڪيس هلايو ويندو. صدر ٽرمپ صدر مادورو تي پهرين ٽرم کان وٺي ناراض آهي ۽ کيس ڪوڪين جو اسمگلر سڏيندو رهيو آهي، صدر جو بائيڊن به صدر مادورو تي ناراض هيو ۽ هن سندس سر جي قيمت اڍائي ڪروڙ ڊالر مقرر ڪئي جيڪا آگسٽ 2015 ۾ صدر ٽرمپ وڌائي 5 ڪروڙ ڊالر ڪئي هئي. وينزويلا ۾ صدر مادورو کي سوشلسٽ سمجهو ويندو آهي جيڪو چين ۽ روس جي تمام ويجهو آهي. آمريڪا ويزويلا جي فوجي ٺڪاڻن سميت مختلف جاين تي حملا ڪيا آهن. حملن ۾ ملڪ جي اهم فوجي ٺڪاڻن ۽ دفاع واري وزارت کي به نشانو بنايو ويو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ وينزويلا تي حملن جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. راڄڌاني ڪاراڪس ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 زوردار ڌماڪا ٻڌا ويا، شهرين هيٺين فضا ۾ آمريڪي فوج هيليڪاپٽر سي ايڇ 47 چينوڪ کي به اڏامندي ڏٺو جنهن کان پوءِ آمريڪي ڌمڪين جي حوالي سان جنگ جا شڪ وڌي ويا آهن.ڌماڪن کان پوءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي غائب ٿي وئي، جڏهن ته آسمان تي دونهون اڏامندي ڏٺو ويو، ميڊيا ذريعن موجب آمريڪي حملي ۾ وينزويلا جي دفاع واري وزير ولاديمير پيڊرينو ٽوپيز جي گهر کي نشانو بنايو ويو آهي جنهن کان پوءِ دفاع واري وزير سان رابطو نه ٿي رهيو آهي. آمريڪي صدر ٽرمپ جي اعلان کان اڳ ابتدائي اطلاعن موجب وينزويلا جي صدر نيڪولس مادورو کي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي. وينزويلا جون بڪتربند گاڏيون صدارتي محل جي چوڌاري گشت ڪري رهيون آهن. وينزويلا جي صدر جو چوڻ آهي ته آمريڪا وينزويلا جي تيل ۽ معدنيات تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو پرانهي ۾ هو ناڪام ويندو. ٻئي طرف آمريڪي ميرينز جي وينيزويلا جي اندر زميني ڪارروائي جون به اڻ تصديق ٿيل اطلاعون سامهون اچي رهيون آهن. وينزويلا جي صدر نيڪولس مادورو طرفان نيشنل ايمرجنسي جو اعلان ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته اهو واقعو اهڙي وقت ۾ پيش آيو آهي جڏهن آمريڪا ۽ وينزويلا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. خاص طور تي آمريڪا طرفان منشيات جي اسمگلنگ جي خلاف ڪارروايون ۽ وينزويلا تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي.
مشهور خبرون










