ڏکڻ آفريڪا کي 3 وڪيٽن تان شڪست، آسٽريليا فائنل ۾ پهچي ويو

ڏکڻ آفريڪا کي 3 وڪيٽن تان شڪست، آسٽريليا فائنل ۾ پهچي ويو

ڪولڪته(ويب ڊيسڪ)آسٽريليا ٻيو سيمي فائنل 47.2 اوورز ۾  ڏکڻ آفريڪا کي وڏي مشڪل سان 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي کٽي ورتو. ايندڙ آچر تي ورلڊ ڪپ جو فائنل ميچ احمد آباد ۾ ڀارت سان آسٽريليا کيڏندو. 213 جي آسان حدف لاءِ آسٽريليا جي اوپرز جارحاڻي شروعات ڪئي ۽ سندن پهرين وڪيٽ 60 جي اسڪور تي ڪري. وارنر 29 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، مچل مارش زيرو تي آئوٽ ٿيو، ٽريوس هيڊ 48 بالن تي 62 رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو، ليبس چينج 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، گلين ميڪسويل هڪ رن ٺاهي شمسي جي بال تي بولڊ ٿيو ته تماشائن ۾ هوڪرا پئجي ويا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم ۾ به جان پئجي وئي. 174 جي مجموعي اسڪور تي سمٿ 62 بالن تي 30 رنس ٺاهي ڪيچ ٿيو ۽ آسٽريليا جا بيٽسمين انتهائي احتياط سان کيڏڻ لڳا. ڀارت ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023 جي ٻئين سيمي فائنل ۾ ڏکڻ آفريقا آسٽريليا خلاف ميچ ۾ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو سندن لاءِ مصيبت جو سبب بڻيو. پوري ٽيم 49.4 اوورز ۾ 212 رنز تي آئوٽ ٿي وئي. ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ 3، ڪپتان ٽيمبا بنا رن ٺاهڻ جي آئوٽ ٿيو، ويندردسن 6 ۽ ايڊن مرڪرم 10 رنز آئوٽ ٿيا. هينري ڪلاسن 47، مارڪو جينسن زيرو، گيرالڊ ڪوئٽزي 19، ڪيشو مهراج 4 ۽ ربادا 10 رنزٺاهيون، ڊيوڊ ملر سينچري ٺاهي پر جلدي 101 تي آئوٽ ٿي ويو.جوش انگلس 49 بالن تي 28 رنز ٺاهي بولڊ ٿيو، گيرالڊ ڪوئٽزي جي اڳئين بال تي مس ٿيو ته ڏکڻ آفريڪا رويو ورتو جيڪو سندن حق ۾ ثابت نه ٿيو.6045 هين اوور ۾ ايڊ مرڪرم جي بال تي ڪيپر ڪيچ ڊراپ ڪيو.46 هون اوور مارڪو جينسن ڪرايو ته کيس چوڪو لڳو. 47 هون اوور ايدن مرڪرم ڪرايو ته آستريليا کي 3 رنز گهربل هيون. 48 هين اوور ۾ آسٽريليا کي 2 رنز گهربل هيون. بالن تي 20 رنز گهربلل هيون ۽ 7 وڪيٽون ڪري ڇڪيون هيون.  ڀارتي شهر ڪوالڪٽه جي ايڊن گارڊنز ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آسٽريليا جي قيادت پيٽ ڪمنز ڪري رهيو آهي جڏهن ته ڏکڻ آفريقا جي اڳواڻي ٽيمبا بواما ڪري رهيو آهي. اڄوڪو ميچ کٽيندڙ ٽيم فائينل ۾ ڀارت سان مهاڏو اٽڪائيندي.ورلڊ ڪپ ۾ ٻنهي ٽيمن 9-9 ميچ کيڏيا آهن جن مان ٻئي ٽيمون 7-7 ميچ کٽڻ ۾ ڪامياب رهيون جڏهن ته 2 ميچز ۾ کين ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو هو.ياد رهي ته ميگا ايونٽ جي ليگ ميچ ۾ ٻئي ٽيمون هڪ ڀيرو آمهون سامهون ٿي چڪيون آهن جنهن ۾ ڏکڻ آفريقا آسٽريليا کي 134 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو