نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) فيس بڪ جي ملڪيت ايپ انسٽاگرام وقت سان گڏوگڏ ايپ ۾ به نون فيچرز جي آزمائش ڪندي رهندي آهي ۽ ڪنهن به فيچر کي سڄي دنيا ۾ لانچ ڪرڻ کان اڳ ان جي آزمائش محدود صارفين تي ئي ڪئي ويندي آهي.تازو ئي انسٽاگرام ايپ هڪ نئين فيچر جي آزمائش ڪري رهي هئي جنهن دوران ايپ ۾ خرابي نظر اچي وئي جنهن کان پوءِ اها آزمائش محدود صارفين جي بجاءِ تمام گهڻن صارفين جي اڪائونٽس ۾ ٿيڻ شروع ٿي وئي. انسٽاگرام ايپ جي پوسٽن تي لائيڪس جو انگ لڪائڻ جي آزمائش ڪري رهي هئي ۽ ان دوران خرابي سبب ڪيترن ئي صارفين جي پوسٽن تي لائيڪ جو انگ لڪي ويو. ان کان پوءِ ڪمپني طرفان بيان جاري ڪيو ويو ته ائين غير ارادي طور تي ٿيو آهي. جنهن کي اسان جلد کان جلد صحيح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ جلد کان جلد صارفين کي ان جي پوسٽن جا لائڪس واپس نظر اچڻ شروع ٿي ويندا.ياد رهي ته انسٽاگرام نئين سال 2019 کان لائيڪس کي لڪائي رکڻ جي فيچر جي آزمائش جي شروعات ڪئي هئي. ڪمپني جو چوڻ هو ته لائڪس جي انگ کي لڪائي رکڻ جو مقصد اهو آهي ته انسٽاگرام تي اوهان جي فالورز جي نظر ان ڳالهه تي وڌيڪ هجي ته اوهان ڇا شيئر ڪيو آهي نه ته ان ڳالهه تي اوهان جي پوسٽ تي ڪيترا لائيڪس اچي رهيا آهن. ڪمپني واضح ڪيو هو ته هن تبديلي جو بنيادي مقصد صارفين کي ان دٻاءُ مان ڪڍڻ آهي ته ان جي پوسٽ تي ڪيترا لائيڪس آهن جڏهن ته لائيڪس جي انگ کي بنياد بنائي هڪ ٻئي جي ڀيٽ ڪرڻ سبب اهو تجربو ڪيو پيو وڃي.










