آرمي چيف جي خاندان جي اثاثن جا انگ اکر ڪوڙا ۽ فرضي آهن: آءِ ايس پي آر

آرمي چيف جي خاندان جي اثاثن جا انگ اکر ڪوڙا ۽ فرضي آهن: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا خلاف مذموم مهم جي سخت مذمت ڪئي آهي.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جنرل قمر جاويد باجوا ۽ سندس خاندان جي اثاثن بابت سوشل ميڊيا تي گمراهه ڪندڙ انگ اکر ڏنا ويا، اهڙن گمراهه ڪندڙ انگن اکرن کي مفروضن جي بنياد تي وڌايو ويو.پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب، هڪ مخصوص گروهه بدنيتي سان سمڌي ۽ خاندان جا اثاثا جنرل باجوه سان منسوب ڪيا، جنهن سان اهو غلط تاثر ڏنو ويو ته اهي اثاثا جنرل باجوه جي 6 سالن جي دور ۾ سندس خاندان جا هئا.آءِ ايس پي آر جو اهو به چوڻ آهي ته آرمي چيف ۽ سندس خاندان جي اثاثن بابت ڄاڻ مڪمل طور تي بي بنياد، سراسر ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي، جنرل قمر جاويد باجوا، سندس گهرواري ۽ خاندان جي هر فرد جا اثاثا ايف بي آر ۾ ظاهر ڪيا ويا آهن.پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ جو چوڻ آهي ته آرمي چيف ۽ سندس خاندان باقاعده ٽيڪس ريٽرن فائل ڪندا آهن، هر شهري وانگر آرمي چيف ۽ سندس خاندان به پنهنجي اثاثن بابت ٽيڪس اختيارين آڏو جوابده آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو