ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو آهي ته 10 اپريل پاڪستان ۾ هميشه تاريخي ڏينهن رهيو آهي 10 اپريل اها تاريخ آهي جڏهن اسان کي 1973ع ۾ آئين مليو ،10 اپريل 1986ع تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو لاهور ۾ تاريخي استقبال ڪيو ويو 10 اپريل 2022ع تي پهريون ڀيرو بي اعتمادي واري رٿ ڪامياب ٿي، جنهن کي رد ڪري پارليامينٽ مان ڪڍيو ويو










