پنوعاقل ڀرسان گاھ لاءِ ويل عورت جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ

پنوعاقل ڀرسان گاھ لاءِ ويل عورت جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ

پنوعاقل (ن س): پنوعاقل ڀرسان سانگي ٿاڻي جي حد ڳوٺ قادر بخش ڪلو ۾ ڳلو ڪپيل عورت جو لاش هٿ اچڻ بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.تفصيل موجب ڳوٺ قادر بخش ڪلو جي رهواسڻ جميلان ڪلو گاھ ڪرڻ لاءِ گهران نڪتي، پر ڪافي دير گذرڻ باوجود واپس نه موٽي. عورت جي واپس نه اچڻ تي وارثن ۽ ڀائرن پاران سندس ڳولا شروع ڪئي وئي. وارثن موجب ڳولا دوران عورت جو ڳلو ڪپيل لاش ڪمند جي فصل مان هٿ آيو، جنهن بعد فوري طور واقعي بابت پوليس کي اطلاع ڏنو ويو. اطلاع ملڻ تي سانگي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ ضروري ڪارروائي بعد عورت جو مڙهه تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو. عورت جي ڀاءُ موجب سندس ڀيڻ گاھ ڪرڻ لاءِ وئي هئي، پر واپس نه موٽي، جنهن تي ڳولا شروع ڪئي وئي ته ڪمند جي فصل مان سندس ڳلو ڪپيل لاش مليو. پوليس واقعي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته عورت جي قتل جا سبب ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن بابت في الحال ڪا حتمي ڄاڻ سامهون نه اچي سگهي آهي. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي، جڏهن ته وارثن پاران قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو