زرداري ۽ شريف خاندانن جي سياست جو سج لهڻ وارو آهي: بلوچ

زرداري ۽ شريف خاندانن جي سياست جو سج لهڻ وارو آهي: بلوچ

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ چيو آهي ته زرداري ۽ شريف خاندانن جي سياست جو سج لهڻ وارو آهي، هاڻي جماعت اسلامي ئي عوام لاءِ بهترين چونڊ آهي.پنهنجي بيان ۾ لياقت بلوچ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف وطن واپسيءَ تي جماعت اسلامي جي امير سان ڳالهيون ڪري ۽ پيٽرول تي ليوي ٽيڪس ختم ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي.هن چيو ته ملڪ جو اصل بحران نظام جي ناڪامي آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ بنيادي نوعيت جون تبديليون ضروري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو