ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سرجاني ٽائون واري علائقي ۾ عورت ۽ سندس ٽن ٻارن جو قاتل پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ مارجي ويو.ايس ايس پي ويسٽ طارق الاهي مستوئي موجب، قتلن ۾ ملوث جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو، جڏهن ته هڪ پوليس آفيسر گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو.ايس ايس پي ويسٽ ٻڌايو ته جوابدار کي قتل ۾ استعمال ٿيل اوزار (لوهي راڊ) جي نشاندهي ۽ برآمدگي لاءِ پوليس واقعي واري هنڌ وٺي وئي هئي. جڏهن پوليس آفيسر قتل جي هٿيار (ساريا) جي ڳولا ۾ مصروف هئا، ملزم موقعي جو فائدو وٺندي پوليس آفيسر جو پستول ڪڍي ورتو.ايس ايس پي ويسٽ جي ترجمان ٻڌايو ته فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران جوابدار ڦريل پستول مان بي ترتيب فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ نعمان شيخ زخمي ٿي پيو. تنهن هوندي به، جوابدار – جنهن جي سڃاڻپ محمد همايون خان پٽ حسن خان طور ٿي آهي – کي پنهنجي بچاءُ ۾ ڪيل ساٿي آفيسر جي جوابي فائرنگ ۾ موقعي تي ئي هلاڪ ڪيو ويو.ترجمان وڌيڪ چيو ته پوليس جوابدار کان ڦريل سروس پستول ۽ ان جي نشاندهي تي قتل ۾ استعمال ٿيل اوزار (لوهي راڊ) پڻ هٿ ڪري ورتا آهن.ايس ايس پي ويسٽ ٻڌايو ته فوت ٿيل جوابدار جي لاش کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ ضابطي جا تقاضا پورا ڪيا پيا وڃن.










