شاگردن جي احتجاج دوران فوجي وردي ۾ آفيسر جي فائرنگ

شاگردن جي احتجاج دوران فوجي وردي ۾ آفيسر جي فائرنگ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي گادي ۾ واقع سرحد يونيورسٽي ۾ شاگردن پاران شعبي جي قيادت، فيسن ۽ ڪلاسن جي شيڊول بابت احتجاج دوران هڪ ناخوشگوار واقعو پيش آيو.
شاگردن جي احتجاج دوران شاگردن جي معاملن واري شعبي جي سربراهه ۽ فوجي آفيسر جي گهرواري ڊاڪٽر آئنا سان مبينا طور تي بدتميزي ڪئي وئي، جنهن تي هن مدد لاءِ پنهنجي مڙس ليفٽيننٽ ڪرنل اسفند يارکي فون ڪيو.
جيڪو وردي ۾ پهتو ۽ شاگردن سان بدتميزي ڪئي، صورتحال ان وقت وڌيڪ سنگين ٿي وئي، جڏهن شاگردن کيس گهيري ورتو. الزام آهي ته هن هڪ شاگرد کي لٺ سان ماريو ۽ هوا ۾ فائرنگ ڪئي.
جنهن بعد مڇريل شاگردن به کيس ڪٽڪو ڏنو، جيڪو وائرل ويڊيو ۾ صاف نظر اچي رهيو آهي.
پاڪستان آرمي فوري طور تي آفيسر کي حراست ۾ وٺي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته انصاف کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضابطي جي ڪارروائي پڻ شروع ڪئي وئي آهي.
واقعي بابت راءِ ورهائجي وئي آهي. ڪجهه ماڻهن جو موقف آهي ته آفيسر پنهنجي گهرواري جي تحفظ لاءِ قدم کنيو، جڏهن ته نقادن سوال اٿاريو آهي ته يونيورسٽي ڪيمپس اندر طاقت ۽ فائرنگ جو استعمال مناسب هو يا نه.
هن واقعي جا مختلف ڪلپ سوشل ميڊيا تي باهه وانگر پکڙجي ويا ۽ اعليٰ اختيارين فور نوٽيس وٺندي ڪاروائي ڪري معاملو ٿڌو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو