اسلام آباد (بيورو رپورٽ): ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز ارشاد علي جوکيو جي خاص هدايتن تي ڊينگي ۽ مليريا جهڙين خطرناڪ بيمارين جي روڪٿام لاءِ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ خاص اسپري مهم هلائي وئي.
اسپري مهم ۾ اينٽومالوجسٽ ڊاڪٽر عبدالستار، سپروائيزر علي حسن، جڏهن ته اسپري ٽيم جي ميمبرن قدرت الله، ڪاشف ۽ رضا الله حصو ورتو.
اسپري مهم دوران نيشنل پريس ڪلب جي عمارت، آفيسن، هالن، راهداريَن ۽ ٻين اهم هنڌن تي جراثيم ڪش ۽ مڇر مار اسپري ڪيو ويو، ته جيئن صحافين، ملازمن ۽ ڪلب ۾ ايندڙ مهمانن لاءِ محفوظ ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪري سگهجي.
صحت کاتي جي ٽيم مختلف هنڌن جو تفصيلي معائنو پڻ ڪيو ۽ مڇرن جي امڪاني افزائش وارن هنڌن جي خاتمي لاءِ احتياطي تدبيرن بابت هدايتون جاري ڪيون.
ان موقعي تي صحت جي ماهرن چيو ته موسم جي تبديلي سبب ڊينگي ۽ مليريا جا خطرا وڌي ويندا آهن، تنهنڪري شهرين کي صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکڻ گهرجي ۽ گهرن ۽ آفيسن جي چوڌاري پاڻي بيهڻ نه ڏيڻ گهرجي.
نيشنل پريس ڪلب جي صدر عبدالرزاق سيال ۽ سيڪريٽري ڊاڪٽر فرقان راؤ صحت کاتي جي هن ڪوشش کي ساراهيو ۽ ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز ارشاد علي جوکيو ۽ اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر عرفان نواز ميمڻ جا ٿورا مڃيندي چيو ته اهي اسلام آباد کي ڊينگي کان بچائڻ لاءِ بهترين قدم کڻي رهيا آهن.
هنن چيو ته صحافي برادري جي تحفظ ۽ صحتمند ماحول جي فراهمي لاءِ اهڙا قدم انتهائي اهم آهن.
اين پي سي قيادت اسپري ٽيم ۽ صحت کاتي جي سهڪار تي پڻ شڪريو ادا ڪيو.










