ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)صحت کاتي جي عملدارن موجب سنڌ ۾ هن سال ريبيز (Rabies) سبب فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ وڌي 22 ٿي ويو آهي. خميس ڏينهن 24 ورهين جو هڪ نوجوان جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (JPMC) ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته ريبيز اينسيفلائٽس جي شڪ ۾ ميرپور خاص جي 11 ورهين جي هڪ ٻار کي پڻ اسپتال داخل ڪيو ويو، جيڪو پڻ فوت ٿي ويو. هن کي به ڇتي ڪتي 4 مهينا اڳ چڪيو هو.
عملدارن موجب سنڌ ۾ رپورٽ ٿيل 22 ريبيز فوتگين مان 13 انڊس اسپتال ڪراچي، 8 جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (JPMC) ۽ هڪ انڊس اسپتال بدين ۾ رڪارڊ ٿي آهي.
تازو فوت ٿيل نوجوان، جنهن جي سڃاڻپ شهريار طور ٿي آهي ۽ هو قيوم آباد جو رهواسي هو، تقريباً ٻه مهينا اڳ ڪتي جي چڪ جو شڪار ٿيو هو، پر ڊاڪٽرن موجب چڪ لڳڻ کان پوءِ هن ريبيز کان بچاءَ لاءِ پوسٽ ايڪسپوزر ويڪسينيشن نه ڪرائي.
JPMC جي ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ جي انچارج ڊاڪٽر عرفان صديقي ٻڌايو ته شهريار کي خميس ڏينهن صبح تقريباً 3:40 وڳي انتهائي نازڪ حالت ۾ اسپتال جي ايمرجنسي ۾ آندو ويو.
هو لڳ ڀڳ هڪ هفتي کان چڙچڙاپڻ، بيچيني ۽ بيقرار ٿيڻ ۾ مبتلا هو ۽ کيس پاڻي کان ڊپ پڻ پيدا ٿي ويو هو. هي ريبيز جي هڪ خاص علامت آهي، جنهن ۾ مريض کي پاڻي پيئڻ دوران خوف يا ڏکيائي محسوس ٿيندي آهي.
ڊاڪٽر صديقي چيو ته مريض جون طبي علامتون ريبيز اينسيفلائٽس سان مطابقت رکندڙ هيون. سندس حالت تيزيءَ سان خراب ٿي ۽ خميس ڏينهن صبح تقريباً 9 وڳي فوت ٿي ويو، يعني اسپتال آڻڻ کان ٿوري دير بعد.
ڊاڪٽر عرفان صديقي ماڻهن کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن کين ڪتو يا ڪو ٻيو جانور چڪ هڻي ته ان مان ريبيز جو خطرو هجي، ته فوري طور طبي مدد حاصل ڪن ۽ مناسب پوسٽ ايڪسپوزر پروفائليڪس (PEP) ڪرائين.










