جوهر ۾ ڦر واقعو، گارڊ جي فائرنگ ۾ ڦورو مارجي ويو

جوهر ۾ ڦر واقعو، گارڊ جي فائرنگ ۾ ڦورو مارجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلستانِ جوهر ۾ منور چورنگي ويجهو هڪ شادي هال جي سيڪيورٽي گارڊ ان وقت ٻن ڦورن تي فائرنگ ڪئي جڏهن اهي هڪ شهري کي ڦري رهيا هئا.پوليس موجب، سيڪيورٽي گارڊ ۽ ڦورن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو، جڏهن ته ٻيو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس ٻڌايو ته ڦورن جي فائرنگ سبب ٻه شهري پڻ زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ فوڊ ڊليوري رائڊر ۽ هڪ رهگير شامل آهن. پوليس موجب ڦورن فوڊ ڊليوري رائڊر کي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن مزاحمت ڪئي، ان تي ڦورن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ فوڊ ڊليوري رائڊر ۽ ٻيو شهري زخمي ٿي پيا.هڪ ٻئي واقعي ۾ سعدي ٽائون روڊ تي پوليس مقابلو ٿيو، جتي ٻن ڦورن کي گرفتار ڪيو ويو.ايس ايس پي ايسٽ موجب، گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ اصغر ۽ علي گل طور ڪئي وئي آهي؛ انهن وٽان هٿيار ۽ موبائيل فون هٿ ڪيا ويا. ايس ايس پي زبير نذير شيخ ٻڌايو ته گرفتار جوابدار ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ ملوث آهن؛ انهن خلاف سُکن، لانڍي ۽ سعيد آباد ٿاڻن تي ڦر ۽ غير قانوني هٿيارن جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو